استاد ببر علي

استاد ببر علي: مشهور موسيقار استاد ببر علي 1950ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو . هيءَ ناليواري موسيقار استاد فيروز گل جو ننڍو ڀاءُ هو . سندس وڏا اصل راجستان جي جيسلمير علائقي جا هئا . استاد ببر علي فن جي سکيا مشهور ماسٽر صفدر عليءَ کان ورتي ۽ استاد فيروز گل به سندس رهنمائي ڪئي . موسيقيءَ ۾ پاڻ مڃائيندي هن شاهڪار فلمي گيت ، ڪئسٽن جا ڪلام ۽ نوحا ڪمپوز ڪيا . مشهور فلمن: ’پرو چانڊيو ‘ ، ’پڪار ‘ ۽ ’پلاند ‘ ۾ هن استاد فيروز گل سان گڏ موسيقي ترتيب ڏني . ان کان سواءِ فلم ’پڳ '>پوتي ۽ پڳ ‘ ۾ مشهور موسيقار وجاهت عطريءَ سان گڏ موسيقي ڪمپوز ڪيائين . جن مشهور فنڪارن کي استاد مرحوم متعارف ڪرايو ، تن ۾: عنايت حسين ڀٽي ، سجاد يوسف ، ثمينه ڪنول ، حميره چنا ، انجم آرا ، نگهت سليم ، عابده خانم ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن . فيروز گل جي فرزند مرحوم امانت گل کي به استاد ببر عليءَ متعارف ڪرايو . پاڻ بهترين ردم پليئر ۽ طبلا نواز به رهيو ، هن لاتعداد ڪافيون ۽ غزل رڪارڊ ڪرايا . کيس ڪيترائي اوارڊ به مليا . استاد ببر عليءَ 13 نومبر 1988ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي .


لفظ استاد ببر عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.00.00  عيسوي

استاد ببر علي 1950ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو


1988.11.13  عيسوي

استاد ببر عليءَ 13 نومبر 1988ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڍل شاهه بخاري
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم1
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
خانبهادر رسول بخش خان مغل
راءِ کنگهار
سردار احمد شاهه لڪياري
بزرگ بن شهريار1
آغا شهاب الدين
رام سنگهه سوڍو
ديوان محمد اقبال
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون